اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ ??ي آخري ڏهاڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هي سندس پهريون غيرملڪي دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ۽ اقتصادي م??املن وارا وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمري جي ادائيگي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات متوقع آه?? جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي ??هن. پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي و??ائ?? ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.