اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين بشام ۾ دهشتگردي جيڪڌي فعل جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو پختو عزم رکن ٿا. پنهنجي س??شل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن چيني س??ارتخاني جو ??ورو ڪيو ته جيئن دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل تي تعزيت جو ??ظهار ڪري سگهجي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني ۽ 5 چيني شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسان جون همدرديون ۽ دعائون متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن، پاڪ چين دوستي جي خلاف ان حملي جي شديد مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ ان ڪڌي فعل جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي پختي عزم جو ??ظهار ڪن ٿا.