اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، حڪومت بشام واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، وفاقي ??هر?? ??زي?? محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ ۽ ??زي??اعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ??زي??اعظم سان گڏ هئا. ??زي??اعظم چيو ته مون سميت پوري قوم جون همدردي??ن چيني شهرين جي گهرڀاتين سان آهن، پاڪستاني حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. چيني سفير سان ڳالهائيندي ??زي??اعظم چيني صدر ۽ چيني ??زي??اعظم جي لاءِ واقعي جي ح??الي سان تعزيتي پيغام ڏنو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اهڙي ڪڌي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سي پيڪ جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي حرڪت سان ان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي پر دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. چيني سفير ??زي??اعظم جي سفارتخاني اچڻ ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا ?? ??زي??اعظم جي پاڪ چين دوستي جي ح??الي سان عزم کي ساراهيو.