اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ??يو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي علامت آهي. آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدر لاءِ ??وٽ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر پنهنجا اخت??ار وفاق ۽ صوبن کي منتقل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار روايت قائم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ ??ارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ملڪ ۾ قومي، ثقافتي بين النسل هم آهنگي جي روايت جو امين ۽ علامت هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي. ان ڪري ايم ??يو ايم آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري اڳوڻي صدر طور پنهنجا اخت??ار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو رشتو مضبوط ٿيو.