اسلام آباد ??? 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪ??ال??جي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪ??ال??جي جي شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ وقت سان گڏ ٽيڪ??ال??جي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو ??هي. هن چيو ??ه ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪ??ال??جي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني و??ي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ ت?? ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ??ه هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.