اسلام آ??اد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پ??امن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ??ندي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغانستان معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي پ??ڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ هن افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آصف دراني سان افغانستان جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.