اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فاصلاتي ۽ آن لائين تعليمي نظا?? کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس ۽ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪرڻ لازمي آهي، معاشرو تعليم يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي جي 13 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته يونيورسٽين کي آن لائين تعليم ڏيڻ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، شاگردن کي جديد ٽيڪن??لا??ي ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ آن لائين ايجوڪيشن کي وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته ??عليم طرف ڌيان ڏيڻ جي نتيجي ۾ غربت گهٽ ۽ صحت جي صورتحال بهتر ٿيندي. صدر يونيورسٽي جي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي چيو ته ????ي معاشري ۾ پنهنجي مثبت ڪردار جي ذريعي ملڪ جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪن??لا??ي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حالتن ۾ انفارميشن ٽيڪن??لا??ي جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاشري ۾ سٺي قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، تعليم جي ميدان ۾ شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪ??ا وڃن. صدر چيو ته ??عليٰ تعليم يافته ??ءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي. هن معاشري کي باسعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته ??يئن اهي تعليم يافته نوجوانن ۽ عورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته ??عليم جي ميدان ۾ ترقي ڪري پاڪستان اقتصادي ۽ سماجي طور تي ترقي ڪندو. هن چيو ته ملڪ کي تعليم ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي پڻ اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ آهي جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??نيا ۾ ٽيڪن??لا??ي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ صدر ڪانووڪيشن دوران اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي تي 34 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏنا.