اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان ??ڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سياسي، ??خل??قي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي اجاگر ڪيو ويو. ان ??وقعي تي چين جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماهر ڪيان ??ينگ به خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال محمود چوڌري چيو ته پاڪستان انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي تحت تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري ع??ام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. بلال محمود چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪ??ي. سفارتخاني ان ??وقعي تي هڪ تصويري نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکاريو ويو. ياد رهي ته 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري ع??ام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان ??سلسل انڪار ڪري رهيو آهي.