بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? ۽ سريلن??ا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي جي ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? ۽ صدر رانيل وڪرما سنگهي پاڪستان ۽ سريلن??ا جي وچ ۾ موجود مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ هم آهنگي کي خوش آئنده قرار ڏنو. نگران وزيراعظم خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم امن ۽ استحڪام ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا کي درپيش هڪ جهڙن معاشي چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا عملدار ان حوالي سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندا جنهن ۾ خساري جو شڪار ??رڪ??ري ادارن جي نجڪاري سرفهرست آهي. سريلن??ا جي صدر نگران وزيراعظم جا پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران سريلن??ا جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلن??ا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري طور تي اسرائيلي جارحيت جي خاتمي، غزه ۾ محصور ماڻهن ??ائ??ن انساني مدد پهچائڻ جي لاءِ لنگهه قائم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جنهن تحت 1967ع م مقرر ڪيل سرحدن سان هڪ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جو مطالبو ڪيو.