نيويارڪ – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي اجلاس جي مقررن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو ??هي. جنرل ڊيبيٽ اڱاري ڏينهن 19 سيپٽمبر تي صبح 9 وڳي گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي خطاب سان شرو?? ٿيندو. پرڏيهي آفيس موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر جمعي ڏينهن ??نرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. تفصيل موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو صدر ڊينس فرانسس جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. پراڻي روايت موجب گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي کي پهريون خطاب برازيل جي نمائندي جو هوندو جڏهن ??ه گڏيل قومن جي ميزبان ملڪ طور ٻيو ??طاب آمريڪي نمائندي جو هوندو.