اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران رمضان المبارڪ ۾ و??ير??عظم پاران مفت اٽ?? اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽ?? جي فراهمي لا??ِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، و??ير??عظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال دوران و??ير??عظم جي مفت اٽ?? اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽ?? فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لا??ِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪيم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.