اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات س??نڊ پار پاڪستانين جي ??اءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خ??برپختونخواهه جي عوام جي ??راڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي ??ل ۽ خيبرپختونخواهه جي ??تحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي ??اءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي ??فادن جي ??اءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.