اسلام آباد – 27 – ??ون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي حج جي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي آهي ته پاڪستان ??ون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحالي جو گه??ار?? بڻجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ حج جي فرض جي ادائيگي ڪندڙ لکين حاجي سڳورن، سمورن پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران حج 1444هه تمام گهنو مبارڪ هجي، حج جي موقعي تي منهنجي الله جي آڏو اها دعا آهي ته پاڪستان ??ون سموريون معاشي مشڪلاتون ختم ٿين ۽ پاڪستان ترقي، امن ۽ خوشحالي جو گه??ار?? بڻجي. هن چيو ته منهنجي حج جي هن مقدس موقعي تي اها به دعا آهي ته الله تعاليٰ مسلمان امت خاص طو?? تي اسان جي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن ??ون سموريون مشڪلاتون ختم ڪري.