اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ??الي خط لکيو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا ??ئي??ي حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ملڪ جي ??وجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاثن کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، ??ئي?? ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ??اطي آئون اهڙن واقعن جي ??ذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا ??ئي??ي حق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحف?? حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم ??ئي?? ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ملڪ جي ??وجوده صورتحال کان آگاهه رکي.