اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? قانونسازي سان شفاف ۽ منصفاڻو نظام ڏنو ويو آهي، پارليامينٽ پنهنجي آئي??ي اختيارن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين ويندي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني حقن جي تحفظ ۽ دفاع جو ڀرپور حق رکي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو قانونسازي جو آئي??ي اخت??ار ڪير به کسي نه ٿو سگهي، عدليه جو اخت??ار آئين ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ”ري رائٽ“ ڪرڻ يا قانونسازي جي اخت??ار تي پابندي هڻڻ عدليه جو اخت??ار نه آهي. هن چيو ته پارليامينٽ وڪيل برادري، بار ڪائونسلز ۽ ايسوسيئيشنز جي پراڻي مطالبي ت?? قانونسازي ڪئي. آرٽيڪل 184 (3) بابت قانونسازي سان عدليه جي اختيار، آزادي ۽ خودمختياري ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، ان قانونسازي سان ”ون مين شو ?? امپيريل ڪورٽ“ جهڙا اعتراض ختم ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر موسٽ ججز مشاورت سان اهي اخت??ار استعمال ڪندا.