بيجنگ- 19 مئي (اي پي پي) چين سرڪاري ??ور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوين قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ گروپ 20 اجلا?? ۾ ??رڪت نه ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب چيني پرڏيهي ??زارت جي ترجمان وانگ وين بن ڪالهه انٽرنيشنل پ??يس سينٽر ۾ رٿيل پنهنجي با??اعده بريفنگ دوران چيو ته چين تڪراري ??لائقن ۾ گروپ 20 اجلاسن جي ڪنهن به شڪل جي رٿڻ جي سختي سان مخالفت ڪري ۽ هو اهڙي طرح جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندو. ياد رهي ته ڀارتي اخبار هندستان ٽائيمز گذريل ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته چين ۽ ترڪيه سرينگر ۾ رٿيل گروپ 20 اجلا?? ۾ ??رڪت نه ڪندا. نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت 22 کان 24 مئي دوران والاريل ڪشمير جي گرمائي گادي واري هنڌ سرينگر ۾ گروپ 20 اجلاس منعقد ڪري ??هي آهي. مودي حڪومت طرفان عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري ??طي ڄمو ڪشمير ۾ گروپ 20 اجلاس رٿڻ جو اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي ريت ڀڃڪڙي آهي.