اسلام آباد – 20 – ??پريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد سان تعلق رکندڙ پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفان گل مگسي سان سندس سَس جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڊاڪٽر عرفان مگسي سان سندس سَس جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪ??دي چيو ته بزرگ سڀني کي پيارا هوندا آهن. آئون توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ته الله ??ن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ۽ سوڳوار خاند??ن کي صبر جميل عطا فرمائي.