اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ماضي جي حڪومت صحافين تي بي شمار ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪيا، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف انتقام?? رويو ناهي رکيو. هو جهن?? پريس ڪلب ۽ جهنگ يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن ۾ صحافين سان ڪيل زيادتين جو هڪ سال ۾ ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت صحافين، ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحافين جون پيشيواراڻيون صلاحيتون وڌائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ٽرينن?? پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته چار سالن جو ڪارو دور ختم ٿي چڪو ??هي جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا. هن چيو اميد ڪريون ٿا ته جهن?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت اتان جي صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. ان کان اڳ اطلاعات واري وزير جهن?? پريس ڪلب جي صدر لياقت علي انجم، سيڪ??يٽ??ي خرم سعيد سميت 11 رڪني باڊي کان حلف ورتو.