اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته بهتر ٿئي ها ته لاڏلي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آ??ين تي اناءَ جو حاوي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آ??ي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئيني بحرا?? وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت جي فيصلن سان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئيني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تا??ين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.