اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير سيڪيروٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پر??گرامن ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان ??يو ته پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کانپوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري دوري تي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 فيبروي تائين ولنيئس ۾ پرڏيهي وگير گيبرليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳا??هه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ٻئي ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. ترجمان ??يو ته پنهنجي دو??ي جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کان 22 فيبروري تائين هنگ??ي جو دورو ڪندو ۽ هنگ??ي جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ??الهه ٻولهه ڪندو. ڳا??هه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪندا جنهن ۾ هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻيو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندو.