ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوات جي سينيئر جيالي عبدالواحداف ج?? لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳوڻي ضلعي صدر عبدالسلام، محمد لقمان ۽ زوهيب حسن ايڊووڪيٽ سان سندس ڏاڏي ج?? لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن تعزيتي پيغام ۾ چيو ته حاجي عبدالواحداف جون پارٽي ج?? لاءِ خدمتون ۽ قربانيون ڊگهيون آ??ن، مرحوم پارٽي قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندو، دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.