اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پوري معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت ??ي فڪر ۽ باقي دنيا ج?? عورتن جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذهني بيمار آهن، اختلاف راءِ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي ع??امت هوندي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهن، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حاصل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئ?? عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ماڻين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما مه?? رڳو عورت هجڻ جي ڪري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، عورتون ??وص??ي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي ع??امت بڻجي چڪيون آهن، اهڙي بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.