اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ م??اثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ڀرپور وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن. ??اڪ فضائيه اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ضرورت واريون شيون ڪيرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ م??اثر جي وڌ کان وڌ امداد لاءِ فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ جي س??گر??ين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. ??اڪ فضائيه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ م??اثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فراهميءَ سان گڏوگڏ ٻين ضروري شين جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. ??اڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ م??اثرن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ ??اڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضرورتمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 2130 پاڻيءَ جون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون شامل آهن.