اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ ??عل??م جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي ??عل??مي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي ??عل??مي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيورسٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ت?? علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي ??عل??م جي طريقن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي جي انتظاميه تي زور ڏنو ت?? ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پنهنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يونيورسٽي آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن يونيورسٽي جي سڀني ??عل??مي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ت?? اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يونيورسٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.