اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پاڪستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوش??ن ??ي اعتراف ۾ هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف عل??ي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پار??يا??ينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.