اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? چيو آهي ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪشميري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? پنج فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 فيبروري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿين خالي ڪشميرين تي طلم ۽ بربريت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادري کي باور ڪرايو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان توهان پاڪستان ۽ ڪشميرين سان هڪ واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??المي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪشميرين سان واعدو ڪيو ويو هو ته گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ ??نه?? کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ ??نه?? جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو. شاهه محمود ق??يش?? چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪشميرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپ??يش?? جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين عدالت کان مٿ??نه??ن قتل ڪيو پيو وڃي، معصوم ڪشميرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاهه محمود ق??يش?? چيو ته اسان پنج فيبروري تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظلوم ڪشميرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان ??نه?? سان گڏ ??نه?? جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان هٿين خالي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ ??نه?? جي بنيادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود ق??يش?? چيو ته ڪشميري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيل?? آهن، 5 فيبروري تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪشميرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.