اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ ??وثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??اڪستان جي دوري تي آيل ملائيشيا جي پنهنجي هم منصب سيف ال??ين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ??مي?? گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ??رعزم آهي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ سفري پابن??ين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف ال??ين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.