اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پا??ليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. اسپيشل پرڏيهي س??ڪر??ٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پا??ليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪا??ونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز ڏٺا ۽ انتظامن تي اطمي??ان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ هر ممڪن انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي.