اسلام آباد ??? 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن ??ا گڏيل اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ قوم پاران گڏيل اجلاس ۾ شرڪت تي انهن جي جذبي کي ساراهيان ٿو ۽ انهن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته اسان جي قومي اسيمبلي ميمبرن خيال زمان، احسان الله ٽوانه ۽ را??ت امان الله ڀٽي سخت بيمار هجڻ جي باوجود پارليامينٽ ج?? گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد پنهنجي ڀاءُ جي لاڏاڻي جي باوجود گڏيل اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.