اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي مختلف ??اقعن ۾ شهيد ٿ??ندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 17 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿ??ندڙ سيف الله خٽڪ جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. ٻئي طرف هن سپاهي محمد فهد ۽ تنوير احمد جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي هن سال 15 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ه?? ڌماڪي ۾ شهيد ٿ?? ويا هئا. اهي ٽيليفون صدر معمول جي روايت تحت ڪيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر هن سال 4 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿ??ندڙ سپاهي عامر اقبال جي گهرڀاتين کي پڻ ٽيليفون ڪئي. صدر سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي سيڪيورٽي جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.