اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آ??ي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آ??ي، هي اهو مهينو آ??ي جنهن ۾ الله تعاليٰ پن??نجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان پن??نجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پن??نجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو خصوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اه?? هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آ??ي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ ??ال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي ا??ڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو ا??ڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پن??نجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو عيد ميلادالنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.