اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان اعليٰ تعليم جي فرو?? لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ سان لاڳاپي?? معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي ??زي?? شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي ??زي?? اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فرو?? لاءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا م??ليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا م??ليت جا 40 نوان منصوبا شامل آهن. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اعليٰ تعليم جي فرو?? لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ??زي??اعظم ملڪي وسيلن جي م??ثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي م??ثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. ??زي??اعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.