اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئ?? آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر محمد خان جمالي ۽ منوره بي ب?? بلوچ موجود هئي. ملاقات ۾ حڪومت ج?? بلوچستان تي خصو??ي ڌيان جي پاليسي تحت وڏي پئماني تي جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.