اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته مستقبل ۾ اهي ملڪ ترقي ڪندا جن جا نوجوان ملازمت کان وڌيڪ ڪاروبار تي ڌيان ??ين??ا، اسان کي پنهنجي ادارن کي ترقي ڪندي دنيا سان هم آه??گ ڪرڻو پوندو، ڪامياب نوجوان پروگرام پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان پروگرام جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي هوندي، موجوده دور ۾ هنر جي اهميت ۽ قدر پهرين کان وڌيڪ آه??، هنر جي استعمال سان ترقي ??ري سگهجي ٿي، پاڪستان کي ترقي يافته بڻائڻ لاءِ هنر جو فروغ اهميت رکندڙ آه??، اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين ۽ بحريه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوان پروگرام جي شريڪ ٿيندڙن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، هن ??يو ته ٽيڪنالاجي دنيا کي تبديل ??ري ڇڏيو آه??، پاڪستان ۾ به ٽيڪنالاجي سان تبديلي ايندي، هن ??يو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آه??، فيس بڪ، گوگل، پي پال، ٽوئيٽر لانچ ڪرڻ وارا به ماڻهو به نوجوان هئا، انهن سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو. اسان کي پاڪستان ۽ پنهنجي زندگين کي تبديل ڪرڻو آه?? ته هنر لازمي آه??، هن ??يو ته تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هنر جي اهميت پهرين کان وڌيڪ آه??، اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ اهو رواج هو ته ڊگري حاصل ??ري ملازمت اختي??ر ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ملازمت جي جاءِ تي ڪاروبار جو تصور وڌي رهيو آه??. اهي ملڪ سدائين ڪامياب ٿيندا جيڪي ڪاروباري ماڻهو پيدا ڪندا، هن ??يو ته اسان هنر جي استعمال سان پنهنجو پاڻ کي ۽ دنيا کي تبديل ??ري سگهون ٿا ان جي لاءِ اسان کي ترقي پسند سوچ اختي??ر ڪرڻي پوندي، جيڪا بدلجندڙ دنيا سان هڪجهِڙائي رکندي هجي.