اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وز??ر فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو گڏيل لاڳاپن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، وز??راعظم جو هي دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا ط??ي ٿيا. پاڪستان ٽيليويزن کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته وز??راعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت سان لاڳاپيل ۽ گڏيل معاملن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.