اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيح?? ورڪرز جي اعزاز ?? سندن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي ان موقعي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو. ان موقعي تي اداري جا سينئر آفيسر قمر ال??ه چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيح?? ورڪرز جي اعزاز ?? ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيح?? ورڪرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازم?? پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.