اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دورو ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مستحقين کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سائبر حملن جي خلاف تحفظ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ??ڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن تائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم جي وصول?? پڻ يقيني بڻائي وئي آهي. احساس ادائيگي نظام کي ??صول ڪندڙن جي لاءِ مفيد ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي جو آپ??ن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي.