اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ ت??مي??اتي سرگرمين جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪا??ن جي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، ت??مي??ات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ??و. ??جلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊا??ٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ت??مي??اتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.