مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا سڀئي و??ا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پاڪستان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪائي رهيا آهن ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻا??ر ويهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻا??ر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج جي خلاف ڳالهائي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چئي رهيا آهيون، شريف ۽ زرداري کي اين ار ??و ڏئي ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري پاڪستان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ڪارڊ فرا??م ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي مينگوره ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.